حنيف محمد

حنيف محمد

حنيف محمد

حنيف محمد: ڪرڪيٽ جو ناليوارو رانديگر حنيف محمد 21 ڊسمبر 1934ع تي جهونا ڳڙهه ۾ پيدا ٿيو. هيءُ ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندو هو. اسڪول ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ سبب هن کي 1952ع ۾ ايم. سي. سي جي غير سرڪاريءَ دوري جي موقعي تي پاڪستاني ٽيم سان کيڏايو ويو. 1952ع ۾ سترهن سالن جي عمر ۾ پاڪستان جي ٽيم سان گڏ ڀارت جو سرڪاري دورو ڪيائين. امرتسر جي مئچ دوران ٻنهي اننگز ۾ سينچريون ٺاهيائين. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ 239 ميچون،371 اننگز کيڏيون ۽ 44 دفعا ناٽ آئوٽ رهيو. هن جو وڌ ۾ وڌ اسڪور 499 رنسون ٺهيون. 56 سينچريون، 68 ففٽيون ٺاهيون، 179 ڪيچ پڪڙيا، 12 رانديگرن کي اسٽمپ ڪيو، بالر جي حيثيت ۾ 1515 رنسون ڏئي 53 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ اوور ۾ چئن رنسن جي عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيائين. ڊگهي اننگز کيڏڻ جو عالمي رڪارڊ به وٽس آهي. هن ويسٽ انڊيز جي خلاف 970 منٽن ۾ (16 ڪلاڪ 10 منٽ) کيڏي 337 رنسون ٺاهيون، انگلينڊ جي والٽر هيمنڊ جو 336 رنز جو رڪارڊ به ٽوڙيو. هن 1959ع ۾ قائداعظم ڪرڪيٽ ٽرافي ۾ ڪراچيءَ طرفان کيڏندي، بهاولپور جي خلاف سيمي فائنل ۾ تاريخي 499 رنسون ٺاهيون، هن آسٽريليا جي ڊان بريڊمين جو رڪارڊ به ٽوڙيو. 1964ع کان 1965ع تائين ٽيم جو ڪپتان رهيو. ڪپتان جي حيثيت ۾ هن يارهن ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن مان ٻه کٽيائين ٻه هارايائين ۽ باقي ست ميچون برابر رهيون. هن جي ننڍن ڀائرن ۾ صادق محمد، مشتاق محمد ۽وزير محمد به ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ سندس پٽ شعيب به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر رهي چڪو آهي.


لفظ حنيف محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.21  عيسوي

ڪرڪيٽ جو ناليوارو رانديگر حنيف محمد 21 ڊسمبر 1934ع تي جهونا ڳڙهه ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي
ڪلياڻ آڏواڻي
رحمون فقير
صلاح الدين پنهور
شيخ مجيب الرحمان
ديوان محمد اقبال
عبدالحسين ميمڻ
عبدالله بن عمر هباري
دولت خان لوڌي
عـلـي اڪـبر خـان ٽالـپـر مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون